پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ شاخ واري ڪريل پل نه ٺهي، ڳوٺاڻا پريشان

مقصودو رند: مقصودو رند ويجھو ڳوٺ فضل تلھاڻي کان گذرندڙ لنڊو شاخ جي پل ٽٽي ڪري پئي، جنھن سبب ڳوٺ فضل تلھاڻي جو مختلف شھرن نوابشاھه، شھدادپور، مقصودو رند، شاھپور چاڪر ۽ ٻين شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو. پل ٽٽل ھئڻ ڪري مريضن، اسڪولي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آهن. ڳوٺاڻن بجلي جي ٿنڀي ذريعي گذرگاھه ٺاھي ورتي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن دودو تلھاڻي، حاجي تلھاڻي، شھزاد تلھاڻي، مٺو تلھاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي واحد گذرگاھه شاخ مٿان ٺھيل پل هئي، جيڪا ڪافي ڏينھن اڳ ٽٽي ڪري پئي آهي، جنھن سبب اسان سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، اسان سيمنٽ جي بجلي جي ٿنڀي ذريعي عارضي پل ٺاھي اچ وڃ ڪريون پيا، جنهن سبب ٻارن، عورتن ۽ ڳوٺاڻن کي خوف ٿئي ٿو. هاڻ ٻار به اسڪول نٿا وڃن. هنن سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته جلد پل جي ٺهرائي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button