سنڌ

ڪي پي او حملي جي ماسٽر مائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا

سي ٽي ڊي جي ڪراچي جي منگهو پير جي مائي گاڙي واري علائقي ۾ مقابلي ۾ ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي ماسٽر مائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن سي ٽي ڊي جي ڪراچي جي منگهو پير جي مائي گاڙي واري علائقي ۾ مقابلي ۾ ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي ماسٽر مائينڊ دهشتگردن آرياد الله عرف حسن ۽ وحيد الله عرف حذيفه مارجي ويا آهن، جڏهن ته ٻن دهشتگردن عبدالعزيز عرف محمد علي ۽ مهراڻ عرف مهربان کي گرفتار ڪيو آهي، جن جي قبضي مان هڪ خودڪش جيڪٽ، 3 پستول، 80 گوليون ۽ ٻه موٽر سائيڪلون هٿ آيون آهن. ترجمان موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي خود ڪش جيڪٽن کي ناڪاره ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي جي احسن آباد واري علائقي جا رهواسي آهن ۽ گرفتار ٿيلن مان هڪ ڄڻو گلشن حديد فيز 2 ۽ ٻيو شاهه لطيف ٽائون جو رهواسي آهي، جيڪي ڪي پي او تي حملي کان پوءِ بلوچستان روپوش ٿي ويا هئا. گرفتار ٿيل دهشتگردن انڪشاف ڪيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۽ انهن جو تعلق تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي ۽ ڪي پي او تي ٿيل حملي ۾ جيڪا گاڏي استعمال ڪئي وئي هئي، اها حملي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ خودڪش حملا آور ڪفايت الله ۽ گرفتار ٿيل ملزم عبدالعزيز حب جي هڪ شوروم تان 10 لک روپين ۾ خريد ڪئي هئي ۽ اها رقم آرياد الله ۽ عبدالوحيد عرف خالد عرف حذيفه فراهم ڪئي هئي. ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي ۽ وڌيڪ انڪشافن جي توقع آهي. هوڏانهن سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سي ٽي ڊي جي ٽيم دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، ڪي پي او حملي جي ماسٽر مائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگرد ٻئي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار ٽانڪ مان گهرايا ويا. ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي پي او حملي ۾ دهشتگردي کي ناڪام بڻايو ويو، جنهن دوران اسان جا 5 اهلڪار شهيد ۽ 20 اهلڪار زخمي ٿيا. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جا اطلاع مليا آهن. 4 دهشتگرد گذريل رات 3 وڳي حب کان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته سي ٽي ڊي جي ٽيم دهشتگردن سان مقابلو ڪيو، مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي آپگهاتي جيڪٽ ناڪاره بڻائي وئي، دهشتگرد ڪراچي ۾ تخريبڪاري ڪرڻ پيا چاهين. شرجيل ميمڻ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪي پي او حملي جا ماسٽر مائينڊ هئا، مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، دهشتگردن حب واري علائقي ڀرسان گاڏي خريد ڪئي. هن چيو ته گرفتار دهشتگردن ۾ عبدالعزيز ۽ مهراڻ حبيب شامل آهن، دهشتگرد ٻئي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، دهشتگردن احسان آباد ۾ روپوشي اختيار ڪئي، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار ٽانڪ مان گهرايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button