سنڌ

سنڌ جي 16 ها رسڪ ضلعن ۾ پوليو مهم جي شروعات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) پاران 13 مارچ کان 19 مارچ تائين صوبي جي 16 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ هڪ هفتي واري پوليو مهم جي شروعات وزير اعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ٻارن کي ڦڙا پياري ڪئي. تقريب ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، صحت وارو پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه، عزيز ميمڻ، ڪوآرڊينيٽر اي او سي پي اي فياض عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبي جي 16 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي پئي وڃي، جن ۾ ڪراچي ڊويزن جا 7 ضلعا، لاڙڪاڻو ڊويزن (سمورا پنج ضلعا)، سکر ڊويزن (سکر ۽ گهوٽڪي)، حيدرآباد ڊويزن (حيدرآباد مڪمل ۽ ڄامشورو جزوي) ) شامل آهن، جنهن جو مقصد 5 سالن کان گهٽ ڄمار جي 5 ڏهائي 6 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ آهي. صحت واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 40 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪرز ۽ 2270 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان سميت دنيا جا ٻه ٻيا ملڪ پوليو جا شڪار آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اپريل 2022ع کان وٺي پوليو جا 20 ڪيس سامهون آيا آهن، سمورن ڪيسن جو تعلق ڏکڻ ڪي پي ڪي سان آهي، جڏهن ته سمورن صوبن مان ماحولياتي نمونا به مثبت رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اها سنڌ جي وڏي ڪاميابي آهي ته گذريل 33 مهينن ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو. مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اسان ساڳي رفتار سان هلندا رهياسين ته وڌيڪ اهم نتيجا ڏسنداسين پر اسان کي مطمئن نه ٿيڻ گهرجي ۽ ڪم جاري رکڻ گهرجي. ۽ وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجن ٻارن کي پوليو جي ڦڙن ذريعي موذي مرض کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ان حوالي سان جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کان مدد گهرون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button