سنڌ

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۖ۽ غربت ٻارن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ قرار

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرپارڪر ۾ اسٽنٽنگ بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضلعي ۾ غذائي کوٽ سان سلهاڙيل غربت، صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي سميت صحت ۽ صفائي سٿرائي جا مسئلا، علائقائي لڏپلاڻ، گهٽ ڄمار ۾ شاديون، ڄم ۾ گهٽ وقفو، ٽرانسپورٽ سميت انساني وسيلن جي کوٽ جا انيڪ مسئلا آهن. ٿرپارڪر ۾ اسٽنٽنگ بابت رپورٽ محتسب سنڌ جي قدمن تي بين الاقوامي اداري محتسب (IOI) جي مقامي سبسڊي سان گڏ ريسرچ اينڊ ٽريننگ ونگ، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي گڏجي ڪم ڪيو. افتتاحي تقريب سومر ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ بين الاقوامي محتسب انسٽيٽيوٽ/محتسب مغربي آسٽريليا مسٽر ڪرس فيلڊ، پرنسپل اسسٽنٽ محتسب محترمه ريبيڪا پول، وفاقي محتسب/صدر، ايشين اومبڊسمين ايسوسي ايشن جناب اعجاز قريشي، وڏي وزير جو صحت بابت پارليماني سيڪريٽري قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي ڊي ڊي حسن نقوي ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مراد علي شاهه پنهنجي حڪومت پاران صحت جي سهولتن کي سڌارڻ لاءِ ورتل اُپائن تي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه کي ساراهيو ته محتسب سنڌ اهڙي ريت اسٽڊي رپورٽ ذريعي هڪ خال جي نشاندهي ڪئي آهي، جنهن سان حڪومت کي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائي کين تدارڪ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسٽڊي رپورٽ جي سفارشن تي عملدرآمد ۽ عوام کي چائنٺ تي انتظامي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب سنڌ جي رسائي ۾ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صدر IOI ڪرس فيلڊ محتسب سنڌ جي واکاڻ ڪندي چيو ته IOI جي علائقائي سبسڊي سپورٽ سان گڏ سڀ کان اهم مسئلن بابت تحقيق ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته سندس ادارو پڻ محتسب سنڌ جي مستقبل ۾ پروگرامز لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو، اهڙي ريت جون اسٽڊي رپورٽون بين الاقوامي محتسب ادارن جي ٻين ادارن لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿينديون. وفاقي محتسب/ايشين اومبڊسمين ايسوسي ايشن جي صدر اعجاز قريشي پنهنجي خطاب ۾ سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهن کي گهٽ وقت ۾ وقت سِر ۽ مفت انصاف جي فراهمي ۾ محتسب سنڌ جي ڪردار تي روشني وڌي. ان موقعي تي صوبائي محتسب اعجاز علي خان پنهنجي خطاب ۾ ملڪي وفد کي ڀليڪار ڪيو ۽ محتسب سنڌ جي ڪاميابين تي روشني وجهندي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا ته وڏي وزير جي هدايتن موجب نياڻين جي تعليم بابت اسٽڊي رپورٽ جي سفارشن کي مرتب ڪيو ويو ۽ ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. محتسب سنڌ صوبي ۾ نياڻين جي تعليم کي سڌارڻ لاءِ تعليم کاتي سان گڏ ان عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ معاونت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان 2001ع ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن جي اسٽنٽنگ ۾ هڪ وڏو مسئلو آهي. اسٽنٽنگ غذائي کوٽ جو هڪ پيمانو آهي ۽ انساني واڌ ويجهه جو سڀ کان اهم حصو ڄاتو ويندو آهي ۽ هي مرض حمل کانپوءِ 100 ڏينهن ۾ ٻه سال جي ڄمار تائين هوندو آهي، جنهن سان نه رڳو بيماري ۽ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو آهي پر جسماني ڪمزوري پڻ ٿيندي آهي ۽ تدريسي ۽ علم جي صلاحيت ۽ تعليمي ڪارڪردگيءَ کي گهٽائڻ سميت بالغن جي پيداواري صلالحيت کي پڻ گهٽ ڪريو ڇڏي. تقريب جي شروعات ۾ پي اينڊ ڊي کاتي اسٽنٽنگ رپورٽ بابت هڪ پريزينٽينشن ڏني ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پاڪستان ۾ گذريل پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن جي اسٽنٽنگ گذريل ٻن ڏهاڪن کان هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي. اها صورتحال عالمي سطح تي 2001ع ۾ 41 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ 2011 ۾ 43 ڏهائي 7 سيڪڙو، 2018 ۾ 40 ڏهائي 3 سيڪڙو رهي. نيشنل نيٽٽريشن سروي NNS – 2011 جي موجب سنڌ ۾ اسٽنٽنگ جي شرح 48 ڏهائي 9 سيڪڙو ۽ NNS-2018 موجب شرح 45 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر (MICS) 2018 موجب اها شرح وڌي 50 سيڪڙو ٿي. MICS 2014 ٿرپارڪر ۾ شرح 50 ڏهائي 6 سيڪڙو هئي. 2011 کانپوءِ حڪومت جي ڌيان سبب گهڻن شعبن جي غذائي پروگرامن جي ڊونرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر پاران ورتل ڪوششن جي ڪري ڄاڻايل شرح ۾ لڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button