سنڌ

ميرپورخاص ۾ بٺي تي ڪم ڪندڙ عورت جو ڀائرن خلاف احتجاج

ٽنڊوالهيار جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ڪولاچي اسٽاپ وٽ سرن تي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت عورت ڀاڳي اوڏ ميرپورخاص پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو 8 سال اڳ منھنجي شادي پپو اوڏ سان ڪرائي وئي، جنھن مان ٽن ٻارن جو اولاد آهي، مڙس سان خوش زندگي گذاري رھي آھيان پر منھنجا ڀائر مڙس کان طلاق ڏيارائي پئسن عيوض ٻي شادي ڪرائڻ چاهين ٿا. منع ڪرڻ تي مڇرجي ڀائرن گھر تي ڪاهه ڪري اغوا جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي هنن مڙس سميت مونکي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ وارن مان جھلي زمين تي گھيلي تذليل ڪئي، ڀائر اغوا ڪرڻ، مڙس کي قتل ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته ڀائرن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button