سنڌ

اڳوڻو وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني جو ڀاڻيجو، پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني جو ڀاءُ اڳوڻو وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه جيلاني ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد خيرپور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي وڇوڙي جي خبر باهه وانگر ڀڙڪي اٿي، سوين پ پ ڪارڪن ۽ هزارين شهري سندس جيلاني هائوس واري رهائشگاهه تي پهچي ويا، مرحوم جي جنازي نماز شيعه عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، مرحوم جي جنازي نماز ۾ اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، ايم اين اي جاويد شاهه جيلاني، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن، سياسي سماجي اڳواڻ، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته قائم علي شاهه، جاويد شاهه جيلاني، نفيسه شاهه جيلاني ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button