سنڌ

نئين دمبالي ۾ اسڪول جي ڇت نه ٺهي، ٻارڙا پنهنجي حفاظت لا سراپا احتجاج

نئين دمبالي ويجهو ڳوٺ بخشڻ جسڪاڻي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن جو اختيارين ڪو نوٽيس نه ورتو آهي. اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائڻ لا معصوم شاگردياڻين ۽ شاگردن احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڇت ڊهي ختم ٿي وئي آھي، ڪجھه عرصو پهرين ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد به زخمي ٿيا هئا، اسان هن وقت سخت گرمي دوران نٽهڻ اس ۾ ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آھيون، ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي کي درخواستون ڏئي چڪا آھيون پر ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي آھي. هنن چيو ته سخت گرمي ۽ اس سبب هيٽ اسٽروڪ جي نتيجي ۾ شاگرد بيهوش ٿيو وڃن، جنهن سبب اسان جي زندگين کي خطرو آھي. شاگردياڻين ۽ شاگردن سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ بخشڻ جسڪاڻي ۾ پرائمري اسڪول جي ڇت جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button