سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان بچايو تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان بچايو تحريڪ طرفان آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافين، سنڌ جي 5 هزار اسڪولن اسڪولن کي بند ڪرڻ، بدامني ۽ ٻين مسئلن جي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سجاد سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي سارين ۽ ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ڏئي سندن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت پاران 5 هزار اسڪول بند ڪرائي اسڪولن جي عمارتن کي بااثرن حوالي ڪيو پيو وڃي، بدامني جي ڪري روزانو چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا معمول بڻيل آهن هر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن پر صفائي عملو غائب آهي، حڪمرانن عوام کان جيئڻ جو حق کسي کين ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي سارين ۽ ڪڻڪ جو مناسب اگهه ڏئي سنڌ جي 5 هزار اسڪولن کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي بدامني تي ضابطو آڻي صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button