سنڌ

حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا قتل ڪيس جو اکين ڏٺو شاهد جهيڙي ۾ قتل

حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا قتل ڪيس جو اکين ڏٺو گواهه جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس 3 کان وڌيڪ جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. خبر موجب حسين آباد ٿاڻي جي حد گدوناڪي ويجهو ها ويز کاتي جي فليٽ وٽ گذريل رات اڍائي وڳي ڌاري گهٽي ۾ ويهڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران هڪ ڌر جي مدد لا قاسم آباد مان پهتل سرفراز عرف جاني سنجراڻي تي ٻي ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني. جنهن سبب 40 ورهين جو جاني سنجراڻي قتل ٿي ويو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب علي محمد چانڊيو ۽ عرس چانڊيو زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي مقتول نوجوان جو لاش حيدرآباد سول اسپتال نيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر پوليس کي ٻڌايو ته مقتول سرفراز سنجراڻي کي پيٽ کان هيٺ نري وٽ نازڪ عضوي ۾ گولي لڳي آهي، جنهن سبب سندس موت ٿيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم آباد ۾ هوٽل تي جهيڙي دوران قتل ٿيل بلال ڪاڪا جي ڪيس ۾ مقتول جاني سنجراڻي اکين ڏٺو شاهد هو، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سرفراز عرف جاني سنجراڻي قاسم آباد جي علائقي شيدي ڳوٺ ۾ رهندو هو. ٻئي طرف ايس ايڇ او حسين آباد طاهر مغل جو چوڻ آهي ته ها ويز فليٽ واري گهٽي ۾ نوجوانن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ هو. مقتول سرفراز عرف جاني سنجراڻي اسحاق پنجابي جي مدد لا آيو ته قتل ٿي ويو. هن چيو ته قتل جو ڪيس داخل ڪري رهيا آهيون، پوليس نوجوان جي قتل الزام ۾ 3 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button