گولاڙچي تعلقي ۾ هڪ سال گذرڻ باوجود برسات متاثرن جي ڪا به واھر نه ٿي سگهي آهي، حڪومت طرفان تعليم کاتي، روينيو ۽ پاڪ فوج جي جوانن ذريعي برسات متاثر ماڻهن ۽ ڊٿل گھرن جي سروي ڪرائي وئي ھئي، جنهن بعد اھو ڪم مختلف اين جي اوز جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کي لڳ ڀڳ سال ٿيڻ وارو آهي پر اڃا تائين ڊٿل گھرن جي سروي جو ڪم مڪمل ٿي نھ سگھيو آهي. گولاڙچي تعلقي جي 14 يونين ڪائونسلن ۾ سماجي تنظيم اين ار ايس پي پاران سروي جو ڪم ھلندڙ آھي، رھواسين کي ڏٽا ڏئي روزاني گولاڙچي آفيس گھرائي دربدر ڪيو وڃي ٿو، ڪا به واهر نه ٿيڻ خلاف گولاڙچي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين حسين راھمون، علي گل اوٺو، صدام جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اين آر ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اين جي اوز طرفان مقرر ماڻھو اسان کي آفيس اچڻ لاءِ چون ٿا، جڏهن اچون ٿا ته ڪير به ناھي ھوندو، اسين غريب مسڪين ماڻهو آھيون، روز روز جي ڀاڙن مان تنگ اچي ويا آھيون. برسات متاثرن چيو ته اسان وٽ کائڻ جي لاءِ به ڪجھه ناھي پر خانگي بينڪ وارا اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ 2 ھزار رپيا طلب ڪن ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close