سنڌ

ٽنڊي محمد خان ۾ جسقم اڳواڻن جي گرفتاري خلاف ريلي ۽ ڌرڻو

ٽنڊي محمد خان ۾ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف جسقم (آريسر گروپ) طرفان چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ مير غلام علي پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اسلم خيرپوري، اسماعيل نوتڪاڻي، فتح چنا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 4 ڏينهن گذرڻ باوجود جسقم جي گرفتار اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي ۽ سندس ساٿي روشن ٺاڪر کي پوليس ظاهر نه ڪيو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي خدشا جنم وٺي رهيا آهن. هنن چيو ته مسلسل احتجاج ھلي رھيا آهن ان باوجود ٽنڊو محمد خان پوليس قومي ڪارڪنن کي ظاهر نه ڪري ناانصافي ڪري رهي آهي، عبدالخالق خاصخيلي ۽ روشن ٺاڪر کي فوري طور تي ظاهر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button