سنڌ

حيدرآباد ۾ انٽر جا امتحان جاري، ويجيلنس ٽيم جا ڇاپا، 20 کان وڌيڪ شاگرد ڪاپي ڪيس

حيدرآباد تعليمي بورڊ طرفان هلندڙ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جي چوٿين ڏينهن به ويجيلنس ٽيم امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. چيئرمين رفيق احمد پلهه ضلعي حيدرآباد جي امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو، زبيده ڪاليج ۾ 18 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، جڏهن ته نور محمد هاءِ اسڪول ۽ نذرٿ ڪاليج ۾ 3- 3 ڪاپي ڪيس سامهون آيا، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ جي هدايتن تي چيئرمين رفيق احمد پلهه ڳجهي اطلاع تي فوٽو اسٽيٽ جي ٻن دڪانن تي ڇاپو هنيو جتي دڪان کليل هئا ۽ دڪاندار غيرقانوني طريقي سان شاگردن جون ڪاپيون ٺاهڻ ۾ سرگرم هئا، چيئرمين رفيق پلھه پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد دڪان کي سيل ڪري فوٽو اسٽيٽ مشين قبضي ۾ ورتي وئي. ٻئي طرف چيئرمين رفيق احمد پلھه جي بي ٽيم گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ھوسڙي، زيل پاڪ، موري منگر ۽ ٻين امتحاني مرڪزن جو دورو ڪري شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪنٽرولر ايڇ اي سي انوار احمد خان، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ٽاپ سيڪريٽ اعجاز علي ڪاڪا، ڪائونسلر معراج النساءِ، عذرا رمضان، سجاد پالاري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button