پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل، نينگر زخمي

گهوٽڪي: گهوٽڪي ويجهو پراڻي تڪرار تان 2 ڄڻا قتل، معصوم نينگر زخمي. خبر موجب گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي 2 جي حد ڳوٺ موسو لولائي ۾ شريف لولائي ۽ موسو لولائي جي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو. جھيڙي دوران گھٽ ورتل ھٿياربندن موسو لولائي واري ڌر جي ٻن نوجوانن 20 ورھين جي صاحب لولائي پٽ گورو ۽ 22 سالن جي طالب پٽ شاھين لولائي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا پنھنجي ڳوٺ طرف وڃي رھيا ھئا ته ھٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڪچوٻنڊي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ياد رھي ته 7 سال اڳ لولائي برادري جي موسو لولائي ۽ شريف لولائي ۾ تڪرار شروع ٿيو هو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته پراڻي تڪرار تان هٿياربندن ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button