اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم طرفان بجيٽ ۾ نوجوانن جي ترقي لاءِ رقم رکڻ جي هدايت

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ترقي لاءِ خاص طور تي رقم رکي وڃي. ايندڙ بجيٽ ۾ نوجوانن کي اعليٰ تعليم پيشيوراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم شامل ڪيا وڃن. وزيراعظم شهبازشريف بجيٽ 2023-24 لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام لاءِ تجويزن جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ اسحاق ڊار، خواجا اصف، احسن اقبال، رانا ثناءُالله رانا تنوير حسين، احد خان چيما، ملڪ احمد خان، عطاءالله تارڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي پي ايس ڊي پي جي تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ مالي سال لا منصوبن جي حوالي سان تجويزن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي بجيٽ ۾ زرعي شعبو، رينيو جوڳي توانائي، نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم، پيشيوراڻي تربيت ۽ روزگار جا منصوبا ترقياتي بجيٽ جو اهم حصو هوندا. آئي ٽي شعبي جي ترقي ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ لا به منصوبا بجيٽ جو حصو هوندا. ان کان سواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سال ۾ وزيراعظم جي ڪسان پئڪيج ۽ بااختيار نوجوان پروگرام جا ثمر عوام تائين پهچايا ويا. ان حوالي سان 60 هزار نوجوانن جي هن وقت مختلف سرڪاري ترقياتي منصوبن ۾ انٽرن شپ فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وظيفن ۽ تعليم لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ جي عنصر کي خاص اهميت ڏني وڃي. بجيٽ ۾ آئي ٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ منصوبا شامل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button