اسلام آبادپاڪستان

پوليس ۽ رينجرز جي وردي ۾ ماڻهو کنڀيا پيا وڃن:ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني اڳوڻي گهرو ۽ احتساب واري صلاحڪار شهزاد اڪبر جي ڀاءُ مراد اڪبر جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ريمارڪس ڏنا آهن ته ماڻهو پوليس ۽ رينجرز جي وردي ۾ ماڻهو کڻي رهيا آهن، ڪنهن کي به پرواهه ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني شنوائي ڪئي. عدالتي حڪم تي ڊي آءِ جي آپريشنز شهزاد بخاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ايڊيشنل اٽارني جنرل، اسسٽنٽ اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون، گم ٿيل مراد اڪبر جو وڪيل قاسم ودود عدالت ۾ پيش ٿيو، ايس پي نوشيروان ۽ ڊي ايس پي ليگل به عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊووڪيٽ جنرل ڪيس جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪي ماڻهو آيا آهن اهي نه ته سي ٽي ڊي جا هئا ۽ نه ئي رينجرز جا، جنهن تي ڊي آءِ جي چيو ته اهو انهن مان ڪو به ناهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته فوٽيج ۾ ڪير نظر اچي رهيو آهي، ڊي آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته ها ضرور ڏسنداسين، عدالت اسان کي وقت ڏئي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته گاڏين ۽ ماڻهن جي نشاندهي ٿي ته نتيجا نڪرندا، جڏهن ايترا ماڻهو سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي وردي ۾ اچن ته شرم جوڳو عمل هوندو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته سيف سٽي تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿيا آهن، هو ماڻهن جون ذاتي وڊيوز ٺاهي اپ لوڊ ڪن ٿا پر چورن ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙي نٿا سگهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڊي جي رينجرز ڪٿي آهن؟ دفاع واري وزارت مان ڪير آهي؟ عدالت ڊي جي رينجرز کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button