چوهڙ جمالي لڳ درگاهه جلالي بابا تي عيسى ملاح جي مسافر خاني ۾ گئس سلينڊر مان باهه لڳڻ ڪري عيسى ملاح ۽ پٽيل قادر سولنگي جو مسافر خانو، 2 دڪان، عاشق بهاري جو مسافر خانو، موهن بهاري جو مسافر خانو، بچايو اوٺو جو مسافر خانو، حاجي ڦلاڻي جو دڪان ۽ خوشي محمد سولنگي جو گهر سڙي خاڪ ٿي ويا. مسافر خانن ۾ پيل بسترا ۽ کٽون پڻ سڙي ويون. متاثرين باهه اجهائڻ لا انتظاميه کي بار بار ڪالون ڪندا رهيا پر فائربرگيڊ نه پهتي، جنهن کانپو رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو، ان دوران پاڪ نيوي جون 2 فائر برگيڊ گاڏيون پهتيون، جن باهه تي ڪنٽرول ڪيو. باهه اجهائڻ دوران مسافر خاني جو مالڪ عاشق بهاري ۽ هڪ نينگر شفيع بنڙو زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ زخمي عاشق بهاري کي ٺٽو ريفر ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close