سنڌ

حيدرآباد ۾ واسا ملازمن پمپنگ اسٽيشن بند ڪري ڇڏي،2 ڪيس داخل

حيدرآباد ۾ واسا ملازمن پگهار نه ملڻ خلاف جي او آر ڪالوني ۽ حسين آباد ۾ سيوريج ۽ ڊرينيج سسٽم بند ڪري پمپنگ اسٽيشن تي ڌرڻا هنيا، ملازم اڳواڻن عبدالقيوم ڀٽي ۽ ٻِين چيو ته واسا هٿرادو مالي بحران جو جواز ڄاڻائي ملازمن کي پگهار جاري نه ڪئي آهي. پينشنر به پينشن کان محروم آهن، جنهن ڪري گهرڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن ملازمن جي احتجاج جو ليبر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نوٽيس وٺي ايم ڊي واسا کي خط لکي پڇاڻو ڪيو آهي ته ملازم پگهار کان ڇو محروم آهن. حيدرآباد جي ٻن ٿاڻن حسين آباد ۽ جي او آر ٿاڻي تي واسا عملدارن جي فرياد تي واسا يونين جي جنرل سيڪريٽري عبدالقيوم ڀٽي، پمپنگ آپريٽر محمد علي، ڪليم، اعجاز حسين، حميد پٺاڻ، محمد رحيم کوسو، جاويد ڀٽي، نياز چانڊيو، شبير احمد خلاف پمپ اسٽيشن بند ڪري روڊ تي پاڻي ڇڏڻ ۽ حادثا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button