سنڌ

ڦليلي پوليس پورهيت کي گولي هڻي معذور ڪري ڇڏيو، وارثن جو پريس ڪلب آڏو مظاهرو

حيدرآباد ۾ 4 ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل پورهيت کي پوليس مبينا مقابلي دوران ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پوليس موجب اطلاع مليو ته ڦليلي ٿاڻي جي حد جڙيل شاهه قبرستان وٽ 3 جوابدار ڦر جي ارادي سان گهمي رهيا آهن، پوليس جي پهچڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو. جنهن جي سڃاڻپ پڃاري واسي علي اڪبر قريشي طور ٿي، جنهن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڦر جا 13 ڪيس داخل آهن، جوابدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي علي اڪبر کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف صبح ٿيندي ئي نوجوان علي اڪبر قريشي کي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ جو ٻڌي سندس گهرڀاتي ۽ مائٽ حيدرآباد پريس ڪلب پهچي ويا، جتي زخمي نوجوان جي ما روبينا قريشي، پيءُ افروز الدين، 4 معصوم ٻارن ۽ ڀينرن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي روبينا قريشي چيو ته اسان غريب ۽ مسواڙ جي گھر ۾ رھندا آھيون. 6 جون تي رات جو 4 بجي ٻن موبائيلن ۾ سوار پوليس وارا اسان جي گھر جون ڀتيون ٽپي پورهيت پٽ علي اڪبر کي زبردستي کنڀي کڻي ويا، ان وقت علي اڪبر کي قميض به پاتل نه ھئي. جنھن جي خلاف اسان ايس ايس پي آفيس دانھن کڻي ڪمپلين انچارج ظفر زيدي ۽ ايس پي ڪمپلين عرفان صديقي سان ملياسين. انھن اسان کان درخواست نه ورتي ۽ چيو ته حيدرآباد جي پوليس توھان جي نوجوان کي گرفتار ناھي ڪيو. اسان پڃاري ۽ ڦليلي سميت مختلف ٿاڻن تي جاچ ڪئي پر علي اڪبر جو ڪٿان به ڏس پتو نه مليو. 4 ڏينھن بعد ايس ايڇ او ڦليلي اياز ٻگھيو منھنجو نوجوان پٽ علي اڪبر کي گولي ھڻي معذور ڪيو آھي. روبينا وڌيڪ چيو ته 2018 ۾ ھڪ پوليس واري يونس قريشي منھنجي مڙس کان گھر ۾ مزدوري ڪرائي پر پئسا نه ڏنا، جنھن بعد هن مزدوري کان انڪار ڪيو ته ڪاوڙ ۾ اچي يونس قريشي منھنجي مڙس کي شراب رکڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ۽ هاڻي ھن منھنجي نوجوان پٽ کي گرفتار ڪرايو آهي، مفت ۾ مزدوري نه ڪرڻ تان پوليس اهلڪار يونس حيدرآباد ضلعي ۾ پوليس مقابلن جون اڳ ۾ ڪٽيل 17 ايف آئي آرز ۾ نامعلومن ۾ منھنجي پٽ علي اڪبر جو نالو شامل ڪرايو پر عدالت اھي سڀ ڪيس ختم ڪري ڇڏيا ۽ ھاڻ وري منھنجي پٽ کي زخمي ڪيو ويو آھي. متاثر نوجوان جي وارثن مطالبو ڪيو ته جعلي مقابلي جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button