سنڌ

ڌانڌلي الزامن جو جواب ڪارڪردگي سان ڏينداسين:بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو آهي، عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪون ڏيان ٿو. پ پ نفرت ۽ انتها پسندي جو نسلن کان مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪراچي جي پولو گرائونڊ ۾ حلف برداري واري تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي گورنر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر ڪراچي جي نئين چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب کي عهدي جو حلف کڻايو، جنهن ۾ هن قسم کنيو ته هو عوام جي خدمت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ پنهنجا فرض بهتر نموني سرانجام ڏيندو. ڪراچي جي ميئر جي حلف برداري کانپوءِ ڊپٽي ميئر عبدالله مراد عهدي جو حلف کڻي ورتو. پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قبرستان شهيد جيالن سان ڀريل آهن، جڏهن هي شهر فون ڪالن تي هلي رهيو هو ته رڳو شهيد ئي سامهون بيٺا هئا، پيپلز پارٽي جمهوريت جي بحالي لاءِ ناقابل فراموش قربانيون ڏنيون آهن، اسان هن ڪاميابي کي سمورن شهيدن جي نان ڪريون ٿا. بلاول ڀٽو چيو ته پنهنجي ڪارڪردگي سان ڌانڌلي جا ڪوڙا الزام لڳائيندڙن کي جواب ڏينداسين، راتو رات ٺهندڙ پارٽي جا اڳواڻ به ساڳي ريت غائب ٿي ويندا آهن، پيپلز پارٽي هر قسم جي حالتن کي منهن ڏنو آهي، ڪشمير سميت هر جاءِ تي پ پ کٽي رهي آهي، جڏهن ته ماضي ۾ پيپلز پارٽي جو رستو روڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل ڪراچي جي ترقي ۾ مضمر آهي ۽ شهر جي ترقي منهنجي ذميواري آهي، جنهن جو جواب مون کان پنجن سالن کانپوءِ وٺي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ مسئلا گهڻا آهن، جن جو تعلق وفاق سان به آهي. پ پ چيئرمين چيو ته مڪاني ادارن جي نمائندن ۾ ڪو به فرق نه آهي، عوام ورهائڻ واري سياست کي رد ڪري، ڪي ايم سي پنهنجو پراپرٽي ٽيڪس پاڻ گڏ ڪري سگهي ٿي، بلدياتي ادارن کي اهڙو ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ سان بهتري ايندي، سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ سهڪار ٿي رهيو آهي. ڪامياب ۽ فائديمند، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ڪراچي ۾ به فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جو هڪ هڪ ميمبر آهي، جماعت اسلامي کي صلاح ڏيندس ته گڏجي ڪم ڪري، زمان پارڪ ۾ 9 مئي جي واقعي جي ذميوارن سان ملاقات جو مقصد ڪراچي کي تباهه ڪرڻ هو، الله جو شڪر آهي ته ڪراچي تي قبضي جي سازش ناڪام ٿي وئي، اسان سڀ گڏجي ڪراچي جا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا. بلاول ڀٽو چيو ته نفرت ۽ لساني سياست کي شڪست آئي، عام چونڊون اچي رهيون آهن، هو جلد پنهنجو منشور عوام آڏو رکندا، وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اسان جو مطالبو ڪو نئون ناهي. هن چيو ته اميد آهي ته وفاقي حڪومت کان ٻوڏ بابت شڪايتون دور ڪيون وينديون، ٻوڏ متاثرن جو مسئلو به بجيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ها، اميد آهي ته اڄوڪي اجلاس کانپوءِ ٻوڏ متاثرن جي مدد جو معاملو بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو چيو ته اليڪشن ويجهو آهي، پارٽي جي تنظيم سازي جو معاملو غور هيٺ ناهي. يونان ۾ پيش آيل واقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، انساني اسمگلنگ جي واقعن خلاف سختي باوجود هي واقعو پيش آيو، حڪومت انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button