سنڌ

سن ۾ زال مڙس جو هڪٻئي خلاف احتجاج،تشدد ۽ چوري جا الزام

سن ڀرسان ڇڇر ٿاڻي جي حد ڳوٺ شالماڻي ۾ 8 ٻارن جي ما ببلي جسڪاڻي کي مڙس ذوالفقار جسڪاڻي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو. ببلي پنهنجي ڀاءَ منور جسڪاڻي ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي مڙس جي خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته ذوالفقار موالي ۽ جوا به کيڏندو آهي ۽ آئون پورهيو ڪندي آهيان ۽ گهر هلائيندي آهيان، جڏهن ان کي پئسا ناهيان ڏيندي ته مون کي سخت مارڪٽ ڪندو آهي، گذريل ڏينهن به مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو اٿس. هن چيو ته موالي مڙس منهنجي ۽ منهنجي اولاد جي زندگي عذاب بنائي ڇڏي آهي، ان مان جان آجي ڪرائي وڃي. ٻئي طرف ببلي جي مڙس ذوالفقار جسڪاڻي به گهرڀاتين سان گڏ سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ۽ منهنجي زال ببلي اسان سمورن گھر ڀاتين کي رات جو نشو ڏئي پنهنجي ڀاءَ منور سان گڏ گهر مان الهه تلهه سان گڏ منهنجي نوجوان ڌيءَ به اغُوا ڪري کڻي وئي آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي زال ۽ نوجوان ڌيءَ واپس ڪرائي منهنجي سالي منور خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button