سنڌ

شهيد بينظير ڀٽو جي خوابن جي ساڀيان ڪنداسين:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بينظير ڀٽو شهيد جي سالگرهه جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته پي پي بينظير ڀٽو شهيد جي فلسفي تي ثابت قدمي سان عمل ڪري رهي آهي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي خوابن جي ساڀيان ڪنداسين. اڳوڻي صدر چيو ته بينظير ڀٽو شهيد جي سياست جو مقصد ملڪ مان جهالت ختم ڪرڻ هو. بينظير ڀٽو عوام کي سماجي ۽ معاشي استحصال کان نجات ڏيارڻ لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪئي. آصف زراري چيو ته پي پي بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، اهڙو پاڪستان جتي عوام کي سماجي ۽ معاسي انصاف مهيا هجي، اهڙو معاشرو جيڪو هر قسم جي شدت پسندي ۽ دهشت کان پاڪ هجي. آصف زرداري چيو ته پي پي عوام کي غربت مفلسي ۽ معاشي بدحالي مان ضرور ڪڍندي. هن چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني شهيد ۽ والده شهيد جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ملڪ جي پرڏيهي وزير طور بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي وڃايل ساک بحال ڪري ڇڏي آهي، هن جو اڳيون قدم بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان آهي جتي خودمختيار پارليامينٽ هجي، آئين جي حڪمراني هجي، عوام کي سماجي ۽ معاشي انصاف هجي، آصف زرداري چيو ته بينظير ڀٽو شهيد جي فلاسافي اسان لاءِ مشعل راهه آهي، پي پي بينظير ڀٽو شهيد جي مشن کي مڪمل ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button