
لاڙڪاڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت ٿي ويو. لاڙڪاڻي جي چانڊڪا پل واري علائقي ۾ بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب انصاري پاڙي جو رهواسي 40 ورهين جو پورهيت نور محمد انصاري بيهوش ٿي پيو، جنهن کي علائقي واسين کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پورهيت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته نور محمد انصاري پنسار جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، جيڪو ڪنهن ڪم سان چانڊڪا پل واري علائقي ۾ ويو، جتي بجلي جي پول مان کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو. پورهيت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.