
حيدرآباد ۾ مڙس هٿان مبينا قتل ٿيل عورت قرت العين عرف عيني بلوچ جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ مبينا ڦيرڦار، جاچ آفيسر پاران ڪيس جي جاچ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ۽ جيل ۾ قرت العين جي قاتل کي بي ڪلاس جون سهولتون ڏيڻ خلاف سول سوسائٽي ۽ وارثن ڪالهه نسيم نگر چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عيني بلوچ جي ما آمنه بلوچ، ڀاءُ ثناءُ الله بلوچ، معصوم نياڻي زھرا، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو، ايس يو پي جي امير آزاد پنهور، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، قومي عوامي تحريڪ جي اشرف پليجو، ماروي اعواڻ، پشماري ڪماري ۽ ٻين چيو ته مقتولا عيني بلوچ جي ڊي اين اي رپورٽ تيار ڪندڙ 4 ڊاڪٽرن رپورٽ ۾ ڦيرڦار ڪري ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوليس قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم ڳالهين کي نظرانداز ڪيو.