سنڌ

حيدرآباد ۾ بلڊر جي ملي ڀڳت سان گهر ڊاهي پٽ،متاثرن جو ڌرڻو

حيدرآباد ۾ هالاناڪي ڀرسان بااثر بلڊر جي ملي ڀڳت سان گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، متاثرن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. خبر موجب حيدرآباد جي هالا ناڪي ڀرسان ڳوٺ نور خان چانگ ويجهو رهندڙ ڪولهي، ميگهواڙ ۽ ڀيل برادري جي رهواسين گهر مسمار ڪرڻ خلاف هيمراج ٺاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هالاناڪه روڊ وٽ منجهند هڪ وڳي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ميرپورخاص، مٽياري ۽ حيدرآباد شهر ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. رهواسين دانهيو ته صبح جو بااثر بلڊر جي ملي ڀڳت سان علائقي جي بااثر ماڻهن ناصر پٺاڻ ۽ سردارو چانگ پنهنجن هٿياربند ساٿين سان گڏجي اسان جي گهرن تي ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهرن تي قبضو ڪري وشرام، تليو، ٻوٽيو ۽ ويرو ٺاڪر جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، باقي گهرن کي به ڊاهيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button