سنڌ

شهدادپور ڀرسان گهر ۽ وٿاڻ کي باهه،3 ڍور سڙي مري ويا،17 زخمي

شهدادپور ويجهو ڳوٺ حاجي ڀائي خان وساڻ ڀرسان محمد امين رند جي گهر ۽ مال جي وٿاڻ کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڍڳيون، هڪ ڍڳو سڙي مري ويا ۽ ننڍا وڏا 17 ڍور سڙي سخت زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ متاثرن محمد امين رند ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته مڇرن کان بچڻ لا ٻاريل دونهين مان باهه لڳي وئيم جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڍڳيون، هڪ ڍڳو سڙي مري ويا ۽ 17 ڍور جنهن ۾ مينهون، ڍڳيون، پاڏيون ۽ پاڏا سڙي سخت زخمي ٿي پيا آهن، گهر ۾ پيل نياڻي جو ڏاج سونازيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. هنن چيو ته اسان جو اٽڪل 20 لکن جو نقصان ٿيو آهي. هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button