عالمي

عورتن تي تشدد خلاف فرانس جي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

پئرس: عورتن تي تشدد خلاف فرانس جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. فرانسيسي تخت گاهه پئرس ۾ هزارين ماڻهن مارچ ڪيو ۽ احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عورتن خلاف وڌندڙ تشدد کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. عورتن جي حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته رڳو هلندڙ سال دوران ئي هڪ سئو کان وڌيڪ عورتون پنهنجي موجوده يا اڳوڻي پارٽنر هٿان مارجي چڪيون آهن. فرانس ۾ 2017 ۾ ڪيل هڪ جائزي موجب ملڪ ۾ هر سال ٻه لک 20 هزار کان وڌيڪ عورتون پنهنجي پارٽنر هٿان جنسي يا جسماني تشدد جو نشانو بڻجن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button