سنڌ

ريڊلائين منصوبو،پاڻي لائين متاثر،شرجيل ميمڻ نوٽيس ورتو

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي يونيورسٽي جي سامھون ڪراچي ريڊ لائن بس منصوبي جي تعمير دوران واٽر بورڊ جي پاڻي جي لائن متاثر ٿيڻ واري معاملي تي فوري نوٽيس وٺندي ٽرانس ڪراچي جي اختيارين کي واٽر بورڊ سان ڀرپور سھڪار جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن. پاڻي جي لائن متاثر ٿيڻ جا اطلاع سامھون اچڻ شرط صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ فوري طور تي نوٽيس وٺندي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي کي حڪم جاري ڪندي چيو تھ لاڳاپيل اختيارين جي پوري ڪوشش ھجڻ گھرجي تھ شھرين کي ڪنھن بھ قسم جي ڏکيائي جو منھن ڏسڻو نھ پوي. اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خاص ھدايتون ڏنيون آھن تھ پاڻي ھڪ اھم مسئلو آھي، اُن لاءِ شھرين کي ڪنھن بھ پريشاني کان بچائڻ لاءِ ڪراچي ريڊ لائن بس منصوبي تي جاري ڪم جي حوالي سان واٽر بورڊ سميت ٻين لاڳاپيل ادارن سان رابطو رکيو وڃي. سي اي او ٽرانس ڪراچي طفيل احمد پليجو ۽ جي ايم ٽرانس ڪراچي پير سجاد واٽر بورڊ اختيارين کي گڏ رکندي متاثر ٿيل لائن جي مرمت جي حوالي سان ڀرپور سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سي اي او ٽرانس ڪراچي ۽ جي ايم ٽرانس ڪراچي جو چوڻ ھو تھ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي خاص ھدايتن تي ٽرانس ڪراچي اختيارين واٽر بورڊ اختيارين سان گڏجي متاثر ٿيل لائن جو جائزو وٺي لائن ۾ پاڻي جو وھڪرو بند ڪرائي لائن جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو. چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم واٽر بورڊ منصور صديقي سميت ٻين اعليٰ اختيارين سان مڪمل رابطي ۾ آھي. ھن چيو تھ ڪراچي ريڊ لائن ھڪ وڏو منصوبو آھي، جنھن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪم جاري آھي. ھن چيوتھ ڪراچي ريڊ لائن بس منصوبي جي تعمير دوران واٽر بورڊ جي سمورين لائنن کي نظر ۾ رکندي رٿا تي ڪم ڪيو پيو وڃي پر ميگا منصوبي ۾ اھڙي قسم جا مسئلا ايندا آھن، جن کي بنا ڪنھن ديرجي ۽ گڏيل سھڪار سان حل ڪيو ويندو تھ جيئن مستقبل ۾ ڪنھن بھ قسم جي مشڪلات جو منھن ڏسڻو نھ پوي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button