سنڌ

شڪارپور ۾ سواري کڻڻ تان جهيڙي ۾ نوجوان رڪشا ڊرائيور قتل

شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد جيڪب آباد با پاس تي سواري جي معاملي تان چنگچي رڪشا ڊرائيورن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻُو قتل ٿي ويو. شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد جيڪب آباد باءِ پاس تي مسافر ڪوچ مان سواري کڻڻ تان ٻن چنگچي رڪشا ڊرائيورن اياز سنجراڻي ۽ محمد محسن سنجراڻي وچ ۾ منھن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران اسڪرو پانو لڳڻ سبب 20 ورهين جو محمد محسن سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي آر بي يو ٽي سول اسپتال آندو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو شھر جي ٺاروپور محلي ۾ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مڃي ويو. جڏھن ته جنازي نماز بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول محمد محسن سنجراڻي جي مامي محمد هاشم سنجراڻي جي فرياد تي جوابدار اياز سنجراڻي ۽ سندس ڀاءُ اسلم سنجراڻي مٿان نيو فوجداري ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف پوليس مک جوابدار اياز سنجراڻي کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button