سنڌ

مخدوم امين فهيم بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي:مخدوم محبوب الزمان

نامياري سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ڇھين ورسي ھالا ۾ ملهائي وئي، سروري جماعت جي ولي عھد مخدوم محبوب الزمان مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪري دعا گهري. ورسيءَ جي موقعي تي صوبائي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان ھالا ۾ مخدوم امين فهيم ويلفيئر اسپتال جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان اعلان ڪيو ته جلد ضلعي ۾ اين آ سي وي ڊي جو بنياد رکيو ويندو، جنهن سان دل جي مريضن کي عالمي سطح جون معياري طبي سهولتون ملنديون، ان کانسواءِ مخدوم طالب المولي ٽيچنگ اسپتال جو ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو. صوبائي وزير چيو ته اسان سڀ ھتي ھڪ اھڙي ھستي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آيا آهيون، جنهن نه صرف ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ عوامي خدمت جو اعلى مثال قائم ڪيو آهي، ملڪ جي ايم آر ڊي ۽ اي آر ڊي جهڙين تحريڪن ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو، مخدوم خاندان سياسي اختلافن کان ھٽي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button