سنڌ

جيڪب آباد اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، قابض ڊائريڪٽر کي ھٽائڻ، ٺيڪيداري نظام جي خاتمي، وڌندڙ ڪرپشن ۽ مريضن کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شهرين عابد سنڌي، شعبان ابڙو، راجا ميراڻي، شاھد جوادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ريلي ڪڍي شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته يو ايس ايڊ جي سھڪار سان تعمير ٿيندڙ جمس اسپتال ۾ سھولتن جي کوٽ آهي، اسپتال جي 80 ڪروڙ بجيٽ هجڻ باوجود شھري پنج سالن کان ايمرجنسي وارڊ جي سھولت کان محروم آهن، مريضن کي دوائون مھيا نه ٿيون ٿين، اسپتال کي ٺيڪيداري نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سياسي مداخلت سبب مدو پورو ٿيڻ باوجود ڊائريڪٽر جي اھم عھدي تي قابض بڻيل ڊاڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ کي نه ھٽايو ويو آهي، جنهن ڪري جمس جھڙو ادارو تباھي طرف وڃي رهيو آهي. ھنن وڏي وزير، صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو ته قابض بڻيل ڊائريڪٽر کي هٽائي ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ٺيڪيداري نظام جو خاتمو آڻي عوام کي علاج جي بھتر سھولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button