سنڌ

ڊگهڙي ۾ نادرا آفيس عملي جي ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڊگهڙي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن نادرا آفيس جي عملي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ لطيف جروار، نجيب نوحاڻي، مير يونس ٽالپر، مرتضى نوحاڻي، مانجهي ميگهواڙ، سمير رمداڻ، صدام اصغر، عمرالدين، طالب حسين، مير نديم ٽالپر، طالب حسين جروار، بلاول جروار ۽ ٻين چيو ته نادرا آفيس ڊگهڙي ۾سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائڻ لا ايندڙ ماڻهن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته نادرا آفيس مان ايجنٽ مافيا کي نيڪالي ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جا ڪائونٽر وڌايا وڃن. فيس چارٽ ۽ گهربل ڪاغذ واضح نوٽيس بورڊ تي لڳايا وڃن، آفيس عمارت ڪنهن کليل هنڌ تي منتقل ڪئي وڃي ته جيئن عورتون ۽ مرد الڳ الڳ ويهي سگهن. آفيس جي گوسڙو عملي کي ڊيوٽي جو پابند بڻائي اهو جواز ختم ڪيو وڃي ته ٽوڪن ختم ٿي ويا آهن يا وري اوهان ٻي ضلعي جا آهيو، انهي ڪري ڪارڊ نه ٺهندو، ڇاڪاڻ نادرا وفاقي ادارو آهي. نادرا جي آئين موجب ڪو پاڪستاني شھري ڪٿان به سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي سگهي ٿو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button