سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل

رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ ذاتي دشمني تحت هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي. خبر موجب رحمت پور ٿاڻي جي حد ريلوي ڦاٽڪ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت نظيران کوسو سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي علاج دوران عورت زخمن جو سور نه سهندي فوت ٿي وئي. ان موقعي تي عورت نظيران کوسو جي وارثن ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي پنهنجي برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جن اڄ فائرنگ ڪري اسان جي عورت نظيران کوسو کي ماري ڇڏيو آهي. هنن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان قاتلن جي فوري گرفتار ڪري مقتولا جي واررثن کي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. جڏهن ته وارثن کان معلوم ڪرڻ تي هنن في الحال فائرنگ ڪرڻ وارن جا نالا ظاهر نه ڪيا. هوڏانهن پوليس ضروري ڪارروائي بعد مقتولا جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button