پنجاب جي شهر گجرانوالا جي رهواسڻ عورت اقرا ڪجهه ڏينهن کان نوشهروفيروز جي مختلف هنڌن تي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. اقرا ملڪ جو چوڻ آهي ته مان شادي شده آهيان، مڙس 3 سال اڳ گهران ڪڍي ڇڏيو هو، 4 ٻار مڙس وٽ آهي، ماءُ ۽ پيءُ فوت ٿيڻ بعد وڏي ڀاءُ به گهران ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته ايڌي وارن وٽ ويس اتي به جهيڙو ٿيو ته نيڪالي ڏني وئي، جنهن بعد مختلف شهرن کان ٿيندي هتي پهتي آهيان، ڪڏهن مسجد ۾ ته ڪڏھن فٽ پاٿ تي رهان پئي. هن چيو ته دربدري واري زندگي گذاريان پئي، تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close