سنڌ

وزيراعظم سنڌ کي لوڊشيڊنگ مان نجات ڏياري:شرجيل ميمڻ

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار، سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿي، اُن ڪريل حرڪت جي سڄي دُنيا جي باشعور ماڻھن بنا ڪنھن مذھبي ۽ قومي فرق جي مذمت ڪئي آھي ۽ اُن کي ڪريل عمل قرار ڏنو آھي، اسان بھ اُن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪراچي ۾ به لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو ويو آھي، جڏھن تھ صوبي جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رھي آھي، جنھن سان عوام سخت تڪليف ۾ ورتل آھي، اسان وزير اعظم پاڪستان کي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ جي عوام کي ھن ڏکيائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سخت نوٽيس وٺي ۽ رليف لاءِ قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪري. ھن چيو ته ڪجہھ ڏينھن کان جماعت اسلامي سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ۾ لڳل آھي، جماعت اسلامي جا ووٽ اسان کان تمام گھٽ ھُئا، جماعت اسلامي کي پي ٽي آءِ به ووٽ نه ڏنا، پر جماعت اسلامي اسان جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رھي آھي. ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گذارش آھي ته جماعت اسلامي جي الخدمت فنڊز جي استعمال جي جاچ ڪري، جماعت اسلامي کي الزام تراشي ڇڏي بھتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اچي گڏجي ويھن ۽ شھر جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪالهھ تحريڪ انصاف ھڪ چيف جسٽس تي بي اعتمادي جو اظھار ڪيو ، جيڪا ڳالهھ عدالت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش آھي، جھڙي ريت پي ٽي آءِ پنھنجي ملڪ جي ادارن خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي ته ھاڻي ساڳيو حربو عدليه خلاف استعمال ڪري رليف وٺڻ جي ناجائز ڪوشش ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ھڪ ڪوڙو شخص جنھن سرڪاري خزاني ۽ پاڪستان جي ساک کي نقصان پھچايو، پوري دُنيا کي معلوم آھي ته عمران خان توشا خانا تي ڌاڙو ھنيو آھي، پر اڄ اُن جي ڪرتوتن جي ٻڌڻ جوڳو ھجڻ بابت سوال اٿارڻ بدران پاڻ ھڪ سواليه نشان آھي. ھن چيو ته عمران خان چاھي ٿو ته ثاقب نثار کي ٻيھر اُن عھدي تي آندو وڃي، اھوئي ثاقب نثار جنھن عمران خان جي گھر کي ريگيولرائز ڪيو، اھوئي ثاقب نثار ۽ اُن جا پُٽ اُن پارٽي جا ٽڪيٽ وڪرو ڪندي ڏٺا ويا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏھن اھڙا ماڻھو نيب جي چنبي ۾ ايندا تڏھن ڳالھيون کلنديون، ثاقب نثار جي ڄاٽن ۽ پٽن تي ڪيس ھلائڻ جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته ثاقب نثار ۽ اُن جي ٻارن ناجائز فائدا حاصل ڪيا. هن چيو ته ايف آءِ اي پي ٽي آءِ خلاف انڪوائري ڇو نٿي ڪري، پئسا ڪٿان آيا ۽ ڪيڏانھن ويا، اُنھن جو حساب ڪتاب ٿيڻ گھرجي، قانون ۽ آئين جي ڪتاب تي عمل ٿيڻ گھرجي.اسان سڀني کي گھرجي ته گڏجي ھن ملڪ جي لاءِ ڪم ڪريون. ھن چيو ته اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جاپان ۾ پاڪستاني معيشت جي بھتري، گڏيل واپار ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي رھيو آھي، ھي اسان جي قيادت جو ويزن آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اُن جي اڳواڻن جون وڊيوز آھن اُھي ثبوت آھن ته 9 مئي بابت اُنھن منصوبا بندي ڪئي. ھن چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ سندس خاندان ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ عيد گذاري ۽ سندس ڪارڪن جيلن ۾ ڏکيائيون ڀوڳي رھيا آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاھدي کانپوءِ ھاڻي بھتري اچي رھي آھي ته عين ممڪن آھي ته قيمتون ھيٺ اچن، پر حڪومت ناجائز منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button