سنڌ

حيدرآباد ۾ سرڪاري کاتن جي 29 فوتي ملازمن جي اولاد کي نوڪري ڏيڻ جي منظوري

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي خاص هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪيل ابڙو جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جي گڏجاڻي سندس آفيس شهباز بلڊنگ ۾ ٿي، جنهن ۾ مختلف کاتن اندر نوڪري دوران فوت ٿيل 29 ملازمن جي ٻارن جي گهربل دستاويز ۽ ڪوائف جي جاچ پڙتال بعد کين سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي سيڪشن آفيسر ايس اينڊ جي اي ڊي سي ڪراچي فتح علي راهمون، مختيارڪار ايڊمن ڊپٽي ڪمشنر آفيس حيدرآباد ذوهيب ميمڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button