سنڌ

شفاف اليڪشن ٿئي ته عوام جي مرضي خبر پئجي ويندي: سيد زين شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت عوام کي مهانگائي، بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه نه ڏئي سگهي آهي، جيڪڏهن شفاف طريقي سان اليڪشن ٿئي ته خبر پئجي ويندي عوام ڪنهن کي ٿو چونڊي، پ پ کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ وطن دوست قومپرست ڌرين کي هڪ آواز ٿيڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار مڪاني چونڊن ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل نمائندن جي مان ۾ حيدرآباد جي مقامي هال ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ايس يو پي جي چونڊيل نمائندن، ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وند ڌرين شرڪت ڪئي. زين شاهه چيو ته اسان کي وقت ۽ حالتن کي ڏسندي سنڌ جي ماڻهن جو ڪيس مضبوطي سان سامهون رکڻو آهي، ايس يو پي عوام جي طاقت ذريعي آئيني طور تي سنڌ کي حق ڏيارڻ واري جدوجهد کي جاري رکندي. هن چيو ته تازو ٿيل مڪاني چونڊن ۾ سڄي سنڌ ۾ ايس يو پي جي 800 کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو، جن مان 10 سيڪڙو اميدوار حڪمران جماعت جي ڌانڌلي ۽ جبر جي باوجود ڪامياب ٿيا، اسان جي هي سياسي جدوجهد جاري رهندي ۽ ڀوتارن جي رستا روڪ ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته هينئر حالت اها آهي جو عام چونڊن کان اڳ اعلان ڪرايا پيا وڃن ته ايندڙ حڪومت ڪنهن کي ڏني ويندي، اهو چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جو چٽو مثال آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي خود احتسابي ڪرڻ گهرجي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙي چيو ته پپيلزپارٽي سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي، مڪاني چونڊن ۾ آفيسر کان وٺي پوليس جا عملدار ڌانڌلي ۾ شامل رهيا، ان باجود ايس يو پي جا ڪيترائي اميدوار کٽي آيا، جيڪا ايس يو پي جي وڏي ڪاميابي آهي. ان موقعي تي تقريب کي امير آزاد پنهور پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي اڳواڻ منير نائچ، ايڊووڪيٽ ميراحمد مڱريو، پنهل ساريو، درشن سچڏيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button