سنڌ

کورواهه ۾ پسند جي شادي بعد جوڙا ڌار، ٻن نوجوان سئوٽن آپگهات ڪري ڇڏيو

کورواهه ۾ ٻن نوجوانن پسند جي شادي بعد ڪنوارون واپس مائٽن حوالي ڪرڻ تان دلبرداشتا ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. خبر موجب کور واهه ڀرسان ڳوٺ بجاري شريف ۾ 25 ورهين جي سليم پٽ بصريو شيخ ۽ 22 سالن جي حاجي پٽ آمون شيخ گذريل رات دير وڻ ۾ رسي سان ڦاهو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي، ٻنهي نوجوانن جا وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيا، جنهن بابت ڳوٺاڻن جي ڏنل اطلاع تي کور واهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ گولاڙچي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. آپگهات ڪندڙ سليم شيخ جي ڀا پيارو شيخ صحافين کي ٻڌايو آهي ته سليم سندس ڀا ۽ ٻيو نوجوان حاجي سندس سئوٽ آھي، ٻئي نوجوان پسند جي پرڻي لاءِ ڇوڪريون کڻي آيا هئا پر راڄوڻي ڪوششن سان ٻئي ڇوڪريون مائٽن کي واپس ٿيڻ تي حاجي ۽ سليم آپگهات ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ هنن ٻنهي پنهنجي ئي برادري جي ڇوڪرين سان پسند جون شاديون ڪيون هيون، گذريل رات کور واهه ويجهو هڪ ڀوتار جي راڄوڻي فيصلي تحت ڇوڪريون وارثن حوالي ڪيون ويون هيون جنهن سبب ٻنهي ڇوڪرن ناراض ٿي انت آندو آهي، باقي اسان جي ڪنهن سان به دشمني ڪونهي، اسان غريب پورهيت ماڻھو آھيون. ٻئي طرف کورواهه پوليس صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته هي اصل ٽنڊو محمد خان جا رهواسي هئا پر گولاڙچي لڳ کورواھه ۾ مزدوري ڪرڻ آيا هئا، نوجوان ٻه ڇوڪريون پنهنجي گهر نڪاح ڪري وٺي آيا هئا جن سان هنن ٻنهي سئوٽن شادي ڪئي هئي پر بااثر وڏيرن فيصلو ڪري ٻئي ناريون وارثن حوالي ڪرڻ بعد سليم شيخ ۽ حاجي شيخ ڪاوڙيل هئا. ٻنهي جا مڙهه اباڻي قبرستان مٽي ما حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن خودڪشي واري جڳهه جو معائنو ڪري مائٽن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، کورواهه پوليس موجب حقيقت ڄاڻڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button