سنڌ

زهريلي کاڌي جو اثر، چوهڙ جمالي جي نوجوان سان زندگي وفا نه ڪئي

چوھڙ جمالي ۾ 5 ڏينهن اڳ ھوٽل جو کاڌو کائڻ سبب فوڊ پوائزننگ جي نتيجي ۾ ڪراچي اسپتال داخل ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو. خبر موجب چوھڙ جمالي ڀرسان جاڙا واٽر اسٽاپ تي نئين ٺهندڙ گھر جي ڪم دوران شهر جي ھڪ ھوٽل تان آندل ماني کائڻ جي ڪجھه ڪلاڪن بعد 10 مزدورن کي پيٽ ۾ سور پيو ۽ کين نيم بيهوشي واري حالت ۾ چوھڙ جمالي جي خانگي اسپتال آندو ويو ھو، جتان ٻن ڄڻن کي ڪراچي نيو ويو، جن مان عبدالعزيز مگسي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنھن جو مڙھه ڳوٺ آندو ويو ته وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو. وارثن موجب فوڊ پوائزننگ سبب عزيز جي آنڊي ۾ انفيڪشن ٿي پيو، سندس زندگي بچائڻ لاءِ آپريشن به ڪئي پر زندگي ھن سان وفا نه ڪئي، تدفين بعد صلاح مشورو ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button