پاڪستانسنڌ

سي پيڪ منصوبي جو آئيڊيا سڀ کان پهرين آصف زرداري ڏنو هو: وڏو وزير

ڌاٻيجي اڪانامڪ اسپيشل زون جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه خطاب ڪندي چيو ته چين سان لاڳاپا بھتر بڻائڻ ۾ پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ھو، سي پيڪ راهداري منصوبي جو آئيڊيا چين کان به پهرين آصف علي زرداري ڏنو هو، ڌاٻيجي اڪانامڪ اسپيشل زون به سي پيڪ جو حصو آھي. ھن چيو ته چين طرفان ھڪ مھينو اڳ ھن اھم منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي، جنھن کي تمام تيزي سان اڳتي وڌائينداسين، ھن اھم منصوبي لا ڌاٻيجي واري جاءِ سٺي لوڪيشن تي آھي، جتان ڪراچي ايئرپورٽ سميت پورٽ قاسم بندرگاهھ به ويجھو آھن، ھي ھڪ پائيلٽ پروجيڪٽ آھي، جنھن کي اسان اڃا اڳتي ترقي ڏانھن کڻي وينداسين ۽ ان سان روزگار جا کوڙ سارا موقعا فراھم ٿيندا، ھن چيو ته 5 ارب ڊالرن جي ماليت جو هي پروجيڪٽ سي پيڪ جو حصو آھي، جنھن سان علائقي ۾ ترقي سان گڏ روزگار ملندو. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جي هدايتن تي بيجنگ ۾ اسان ڌاٻيجي اقتصادي زون جي تجويز پيش ڪئي، چين جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پاڻ اعتراف ڪيو ته سي پيڪ جو تصور آصف علي زرداري ڏنو هو، آصف زرداري ڌاٻيجي اقتصادي زون جي تجويز 2016 ۾ ڏني، وفاقي سرڪار مهينو اڳ ان جي منظوري ڏني آهي. افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاھه، شرجيل انعام ميمڻ، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر صادق علي ميمڻ، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جو چيئرمين، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنھور، اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، اڳوڻو ضلعي ناظم ٺٽو شفقت حسين شاھه شيرازي، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي سميت مختلف کاتن جا عملدار ۽ پارٽي اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button