سنڌ

حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڌاري آبادڪاري خلاف ريلي ۽ ڌرڻو

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ ۽ وسيلا هڙپ ڪرڻ خلاف ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ پاران حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي سورهيا سنڌي، مير ساگر سيال ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته افغانين جي سنڌ ۾ رهائش جو مدو پورو ٿي ويو آھي، پوءِ به حڪومت انهن کي نيڪالي نٿي ڏئي، افغاني سنڌين جي وجود لاءِ خطرو بڻيل آهن. هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا جاري آھن پر سنڌ حڪومت به قبضا مافيا جي پٺڀرائي ڪري رهي آھي، سنڌ توڙي سڄي ملڪ مان ڪيترائي بنا ڏوهه جي ماڻهن ڪيترن ئي سالن کان ماڻهو گم ٿيل آهن پر انهن کي آزاد نٿو ڪرايو وڃي، جيئي سنڌ تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته 1954ع کانپوءِ آيل افغانين، برمين ۽ بنگالين کي فوري طور نيڪالي ڏئي کنڀي گم ڪيل سمورا ماڻھو آزاد ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button