اسلام آبادپاڪستانسنڌ

آ ايم ايف پروگرام حلوو نه،وڏي للڪار آهي: شهباز شريف

لاهور: وزير اعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت ڇڏينداسين ۽ نگران حڪومت ايندي، آ ايم ايف پروگرام حلوو يا لڏون ناهن، ڏکيو چئلينجنگ پروگرام آهي، اسان جي جرئتمند فيصلن سان معيشت بهتر ٿي آهي، ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن جون سازشون دفن ٿي وينديون. سيالڪوٽ جي گورنمينٽ ڪاليج وومين يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته مان قوم جي ڌيئرن کي ٻڌايان ٿو ته ليپ ٽاپ اوهان کي ڏيڻ ڪو احسان ناهي، ليپ ٽاپ رڳو ميرٽ جي بنياد تي ڏنا ويندا آهن، شاگردن کي ڏيڍ لک ليپ ٽاپ ڏنا ويندا. هن چيو ته هن سال جي بجيٽ ۾ عورتن لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، قوم ان وقت تائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين عورتون ان جو حصو نه هونديون، تعليم حاصل ڪندڙ سمورين ڇوڪرين کي عملي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪندي پر مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي رخصت ٿي وينداسين ۽ نگران حڪومت ايندي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻيهر موقعو مليو ته نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ جو ٻيڙو پار ڪنداسين. وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي تقريب کي خطاب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي ناهي آئي پر ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قيمت ۾ واڌ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. نوازشريف کي اقتدار مان ڇو هٽايو ويو اهو اڄ ڪنهن کان ڳجهو ناهي، هن 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، نوجوانن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون يا ڪوڪين نه پر ليپ ٽاپ، نوڪريون ڏنيون ۽ قرض ڏنا. هي هڪ تمام مشڪل پروگرام آهي، پر جيڪڏهن اسان همت ۽ استقامت سان ان پروگرام تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي معيشت لاءِ دليرانه فيصلا ڪريون ته انشاءَ الله پاڪستان جي معاشي ترقي اسان جا پير چمندي. هن چيو ته ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن جون سازشون دفن ٿي ويون، آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿئي ها ته ملڪي معيشت ٺيڪ نه ٿئي ها، پروگرام حلوو يا لڏون ناهن پر هي مشڪل ۽ چئلينجنگ پروگرام آهي. شهباز شريف چيو آهي ته اسان جا سمورا منصوبا ڪاميابي جو ثبوت آهن، اسان جرئتمند فيصلا ڪيا ۽ معيشت بهتر ٿي، نواز شريف اقتدار کان محروم رهيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نواز شريف کي ٻيهر موقعو مليو ته پاڪستان جو نقشو تبديل ڪري ڇڏينداسين، ايندڙ چونڊن ۾ عوام جنهن کي به چونڊيندو، ان کي قبول ڪنداسين، اسان ووٽ نه گهرنداسين، عوام کي حقيقتن تي ٻڌل فيصلو ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button