مانجهند ۾ ڪچري جي ڍير تان سرڪاري اسپتال جون دوائون شهري کي هٿ اچي ويون، دوائون ڪچري جي ڍير تي ڏسي شهري گڏ ٿي ويا. شهرين خميسو عمراڻي، وسيم عمراڻي ۽ ٻين چيو ته مانجهند تعلقي اسپتال جا ڊاڪٽر دوائون ڪچرن جي ڍير تي اڇلايو ڇڏين پر غريب مسڪينن کي ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي ناهن، وڏيون قيمتي انساني حياتيون بچائڻ واريون دوائون اڇلي غريب مسڪين مريضن سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي. مختلف بيمارين جو دوائون جن جو مدو به ختم نه ناهي ٿيو، انهن کي اڇلايو ويو آهي. شهرين اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دوائن جي اڇلڻ واري مامري جي اعلى سطع جاچ ڪري ملوث ماڻهن جي خلاف جاچ ڪئي وڃي. هوڏانهن مانجهند تعلقي اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر نور الله لاڙڪ چيو ته ملڪ جي ڪهڙي به شهر مان دوائن جون ٻوريون ڀري مانجهند شهر ۾ اڇلايون وڃن ته ان جو اهو هرگز مطلب ڪونهي ته اهي مانجهند اسپتال جون ئي آهن. هٿ آيل دوائون مانجهند اسپتال جون ناهن ۽ انهن تي فزيشن سيپمل جو ٺپو لکيل آهي، نه ڪي گورنمينٽ پراپرٽي جو ڪو ٺپو لڳل آهي. مانجهند شهر جا ڪجهه شرارتي ماڻهو مانجهند اسپتال کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ اهريون وڊيوز ٺاهي وائرل ڪندا رهندا آهن، اسان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close