سنڌ

فريدآباد ۾ جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

فريدآباد لڳ ڳوٺ ھيٺين اکڪڍائي ۾ 3 ڏينهن اڳ کڏ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ھڪ ڌر جي عرض محمد ڪرٽيو جي گھر ڀاتين عورتن اميران ڪرٽيو ـ وزيران ڪرٽيو ۽ فرزانا ڪرٽيو ٿاڻي تي پھچي دانھون ڪيون. هنن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا مخالف محرم، علي حسن، ستار،گلابي اسان جي گھرن تي ھلان ڪري اچي وڙھيا آهن، جنهن ۾ عرض محمد سميت 2 عورتون زخمي ٿي پيون ھيون ھڪ ڳورھاري عورت به زخمي آھي، وزيران خاتون چيو ته منهنجي آڱر ڀڳل آهي، اسان غريب مسڪين آھيون، پوليس اسان جي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جھيڙي جا جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button