سنڌ

ميهڙ ۾ ڇوڪرو ٽن مهينن کان گم،وارثن جو احتجاج

ميھڙ جي علي شاهه ڪالوني جي رھواسي مردن عورتن ۽ ٻارڙن بشيران خاتون ڪولاچي، حاجن ڪولاچي، راشد ڪولاچي، مشتاق ڪولاچي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 16 ورھين جو معصوم نينگر ڪامران پٽ قمرالدين ڪولاچي 3 مھينن کان گم آھي، ڳولا باوجود ڪوبه پتو پئجي ناهي سگھيو، گم ٿيل نينگر جي ڏاڏي روئيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي، ڪامران جي گمشدگي جي ڪري اسان جو جي جھري پيو آھي، ڏينھن رات پوٽي کي روئي روئي ياد ڪريان پئي. ھنن چيو ته اسان ڊي آ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کي عرض ڪريون ٿا ته خدارا اسان جي معصوم ٻچڙي جي جلد کان جلد ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button