اسلام آبادپاڪستان

اڀينندن جي دليري جي خيالي ڪارنامن تي اعزاز ڏيڻ فوجي اصولن خلاف آهي: پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت طرفان پنهنجي پائليٽ اڀينندن کي دليري جي خيالي ڪارنامن تي اعزاز ڏيڻ فوجي اصولن خلاف آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي ڀارتي دعويٰ بي بنياد آهي، ڀارتي پائليٽ کي ايوارڊ ڏيڻ پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ ۽ ذلت مِٽائڻ آهي. ترجمان موجب عالمي ماهرن ۽ آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي هئي ته ان ڏينهن ڪو ايف 16 جهاز نه ڪيرايو ويو، عالمي ۽ آمريڪي ماهرن جهازن جي انگ جو جائزو وٺي جهاز نه ڪيرائڻ جي تصديق ڪئي، تنهن ڪري ڀارتي پائليٽ کي اعزاز سان نوازڻ فوجي ڪنڊڪٽ ۽ قدرن جي ابتڙ آهي ۽ شڪست کاڌل ڀارتي پائلٽ کي اعزاز ڏيڻ پاڻ پنهنجو مذاق اڏائڻ جهڙو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button