پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ حالتون اڳتي هلي اڃا به وڌيڪ خراب ٿينديون: صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ

ڪراچي: وڏي وزير جي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آھي تھ ملڪ ۾ جيڪا کچڻي پچي رهي آهي، اُن جي نتيجن تائين پهچڻ ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، حالتون اڳتي هلي اڃا به وڌيڪ خراب ٿينديون.

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ڪالهه ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٿي سگهي ٿو پي ٽي آءِ حڪومت 5 سال پورا ڪري، پر چهرا تبديل ٿي سگهن ٿا، چونڊون ڪرائي اقتدار ڪنهن ٻئي کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻاهران ڪو اچي سگهي ٿو.

اڃا به کوڙ ساريون وڊيوز ۽ آڊيوز اينديون، خبر ناهي ڪجهه ماڻهو ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ گهرن ٿا، 3 مهينا انتهائي اهم آهن، اُنهي عرصي ۾ نواز شريف به ڏيهه واپس اچي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button