پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز ون آغا سگنل وٽ ڦورن طرفان ڪار سوار شھري کان ڦر ڪئي وئي. شھري ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ھٿياربندن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ جوابدار مارجي ويو ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ڪار ۾ سوار شھري کان ڦر ڪئي، جوابدار ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته شھري فائرنگ شروع ڪري ڏني، شھري 3 فائر ڪيا، ھڪ جوابدار کي ھڪ ۽ ٻئي کي 2 گوليون لڳيون، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي ٿيل اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. مارجي ويل جي سڃاڻپ 24 ورھين جي سيف الدين ولد متين طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي جي سعيد ولد عبدالغفور طور سڃاڻپ ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button