سنڌ

بدين ۾ وڏيري عورت جو لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

بدين ۾ بااثر وڏيري بيماري سبب فوت ٿيل عورت جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، وارث ٻن ڏينهن کان شانتي ڪولهي جو لاش کڻي سراپا احتجاج بڻيل آهن. تفصيل موجب بدين ڀرسان ڳوٺ بچل پٺاڻ جي رھواسڻ شانتي ڪولھي جيڪا انڊس اسپتال بدين ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي ھئي، سندس لاش کي دفنائڻ لاءِ وارث جڏھن قبرستان ويا ته قديمي قبرستان جنھن ۾ سندن ٻين عزيزن جون قبرون به آھن بااثر وڏيري نديم پٺاڻ لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، جنھن جي ڪري ھو ٻن ڏينھن کان لاش کڻي احتجاج ڪري رهيا آهن. شانتي ڪولهي جي وارثن ڌنجي ڪولھي، اشوڪ، شانو ڪولھي ۽ ٻين بدين ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته بااثر شخص نديم پٺاڻ قبرستان جي زمين کيڙي ان تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو جنھن ۾ اسان جي عزيزن جون ڪيتريون ئي قبرون موجود آهن. ھنن سيشن جج بدين، ڊي سي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته کين لاش دفن ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ٻن ڏينھن کان لاش دفنائڻ کان روڪيندڙ بااثر شخص نديم پٺاڻ خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button