اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کنڊ 160 رپيا في ڪلو ٿي وئي

اسلام آباد : ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کنڊ جي قيمت 160 رپيا هڪ ڪلو ٿي وئي. انگن اکرن مطابق هڪ هفتي ۾ کنڊ 10 رپيا في ڪلو تائين وڌيڪ مهانگي ٿي وئي. ڪراچي ۽ اسلام آباد جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ کنڊ جي هڪ ڪلو قيمت 160 رپيا ٿي وئي. ڪوئيٽا ۾ 152 رپيا، راولپندي، لاهور ۽ خضدار ۾ 150 رپيا، پشاور ۾ 150 رپيا، سيالڪوٽ 148، گجرانوالا ۾ 146 رپيا، فيصل آباد سرگودا حيدرآباد ۾ 145 رپيا في ڪلو تائين آهي. لاڙڪاڻي ۾ کنڊ جي هڪ ڪلو قيمت 145 رپيا، سکر، بنون ۽ بهاولپور ۾ 140 رپيا هڪ ڪلو تائين آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button