سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي فلم ۽ گانن جي پروڊيوسر جو بااثر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي فلمن ۽ گانن جي پروڊيوسر بااثرن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي صدورو چانڊيو دانهيندي چيو ته آئون سنڌي فلمون ۽ گانا ٺاهي گذر سفر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته ڪجھه عرصو اڳ بااثر شاهد راهوجو منهنجي ڪمپني جا گانا چوري ڪيا، منهنجي منع ڪرڻ تي هن وليد ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو، جڏهن ته هن وقت به شاهد راهوجو مونکي ڪجهھ بااثرن کان اسٽوڊيو بند ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏياري رهيو آهي، اهڙين ڌمڪين خلاف مان ڄاڻايل بااثرن خلاف عدالت معرفت ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس بااثر شاهد راهوجو ۽ سندس ساٿين خلاف ڪارروائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button